بشير منگي

بشير منگي

بشير منگي

بشير منگي: شاعر، ڪالم نويس، مترجم بشير منگي پھرين اپريل 1963ع تي، پنجُوديرو، ضلعي لارڪاڻي ۾ محمد پنھل منگيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. هن ايم .اي (سنڌي ادب) ۽ پوءِ ايم اي (اڪنامڪس) ڪئي. جولاءِ 1990ع کان آبپاشي کاتي ۾ ملازمت سان لاڳاپيل رهيو. بشير منگي ڪاليج واري دؤر کان جساف سان واڳيل رهيو ۽ تڏهن کان لکڻ به شروع ڪيو .ان سان گڏوگڏ سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهيو. ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو عھديدار به رهيو، جن ۾ مرڪزي آڊيٽر سنڌي ادبي سنگت سنڌ (2010ع کان آگسٽ 2013ع)، ميمبر ،رحميداد مولائي شيدائي اڪيڊمي سکر، جنرل سيڪريٽري، الفتح ويلفيئر ايسوسيئيشن محلا الهه آباد لاڙڪاڻو (1980ع)، صدر آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن گڊو بئراج ڊويزن سکر (1995ع)، صدر، سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن سکر ڊويزن ((1995ع اهم آهن .بشير منگي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترو وقت ڪالم به لکندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾’وڏ ڦڙو‘ (هائيڪا:2004ع)، ’سنسار سنڌ ۽ منھنجي سوچ‘ (ڪالم :2011ع)، ’منٽو جا سؤ سال‘ (ترجمو: 2012ع)، ’پکي پيار امن جا‘ (2020ع)، پاڻيءَ جي کوٽ (مضمون) ۽ ڪير ٿو مون کي سڏي (شاعري) اچي وڃن ٿا .بشير منگي 13 مئي 2021ع تي وفات ڪئي.


لفظ بشير منگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.04.01  عيسوي

بشير منگي پهرين اپريل 1963ع تي، پنجُو ديرو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد پنهل منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2021.05.14  عيسوي

بشير منگي 13 مئي 2021ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الانا جي
صهبا لکنوي
زين العابدين ٺٽوي سيد
چانڊيو محمد حسن
رحيم بخش قمر
پندار
الهه رکيو سانگي
اڪرام ساگر عباسي
انور ڪاڪا
آخوند لطف الله لطف قريشي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون